پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي، عمران خان پيش نه ٿيو، اسد عمر ۽ فواد چوڌري به نه آيا، اليڪشن ڪميشن پاران ايندڙ ٻڌڻيءَ تي عمران خان ۽ ٻين جي پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو چتاءُ، ڪميشن جي ميمبر نثار دراني ريمارڪس ڏنا ته چار مهينا ٿي ويا آهن، جوابدار پيش نه ٿي رهيا آهن، ايندڙ ٻڌڻي تي عمران خان ۽ ٻيا پيش نه ٿيا ته وارنٽ جاري ڪنداسين، ڪيس جي ٻڌڻي 17 جنوري تائين ملتوي.