پاڪستان

January 3, 2023 5:26 pm

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عمران خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر پارليامينٽ واپس اچڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عمران خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر پارليامينٽ واپس اچڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو، دادو جي شهر سيتا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا ڪي پي ۾ طالبان کي ڀتو ڏئي رهيا آهن، عمران جي سياست نه رڳو کيس پر ملڪ کي به نقصان پهچائي رهي آهي، ضد ڪري اليڪشن نه ٿو وٺي سگهي، ايم ڪيو ايم سان اختلاف آهن، اڳتي هلي به ٿيندا، مڪاني نظام کي بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا، ايم ڪيو ايم سان معاهدي تحت هلڻ چاهيون ٿا، مسئلا  به حل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

وڌيڪ پڙهو: