اسان کي ادارن ڏانهن ڏسڻ بدران پاڻ ۾ ويهي فيصلا ڪرڻ گهرجن، پي ٽي آءِ جي ترجمان فواد چوڌري جي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ بابت ڪوشش واري مبينا آڊيو سامهون اچي وئي، فواد چوڌري ليڪ ٿيل آڊيو ۾ هڪ شخص کي حڪومت سان ڳالهيون ڪرائڻ لاءِ چئي رهيو آهي، سندس چوڻ هو ته سياسي پارٽين کي معاملا طئي ڪرڻ لاءِ ادارن جا ڪلها استعمال نه ڪرڻ گهرجن، پاڻ ۾ ويهي معاملا طئي ڪرڻ گهرجن، فواد چوڌري ليڪ ٿيل آڊيو کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو.