اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ 31 ڊسمبر تي رٿيل مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون، مڪاني چونڊن بابت حڪومتي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون نين تڪبندين کانپوءِ ڪرايون وينديون، چيف اليڪشن ڪمشنر درخواست تي ٻڌڻي دوران چيو هو ته اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ ٻه ڀيرا تڪبنديون ڪيون ويون آهن، هاڻي چونڊون وقت تي ڪرائڻ لاءِ پارليامينٽ کي خط لکيو ويندو.