وزيراعظم شهباز شريف پاران شهيد بينظير ڀٽو کي ورسي جي موقعي تي ڀيٽا پيش، شهباز شريف چيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي روشن علامت آهي، عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي شهادت ماڻي، بينظير ڀٽو جو دهشتگردي خلاف موقف جرئتمنداڻو هو، سندس خدمتن کي ياد رکيو ويندو.