موٽر وي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ نوشهرو فيروز مان گرفتار ٿيل 6 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي جج نه هئڻ سبب ٻڌڻي نه ٿي، اينٽي ڪرپشن ڪورٽ سکر جو جج موڪلڻ تي هئڻ سبب ٻڌڻي 5 جنوري تائين ملتوي ڪئي، شفيق سومرو، عزيز انصاري، رستم کوسو، حقاني سهتو ۽ آفتاب سومرو ضمانت لاءِ درخواست ڏني هئي.