ٿرپارڪر ۾ جهنگلي جيوت کاتي گيم سينچري قرار ڏنل علائقي ۾ ٿر جيپ ريلي منعقد ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، جهنگلي جيوت کاتي جي ڊپٽي ڪنزرويٽو ٿر جيپ ريلي جو روٽ تبديل ڪرڻ لاءِ اعليٰ اختيارين کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته گيم سينچري ايريا ۾ هارن، ريڊيو، ٽيپ ۽ اسپيڪر وڄائڻ تي پابندي آهي.