ڪراچي پوليس به اسٽريٽ ڪرائيم کان محفوظ نه رهي، ڦر دوران مزاحمت تي بن قاسم ٿاڻي جو ايس اي ايڇ او ساٿيءَ سميت زخمي، ڪورنگي نمبر 6 ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، ڪورنگي ۾ ئي اسٽريٽ ڪرمنلز سان مقابلي دوران پوليس اهلڪار به شهيد ٿي ويو، مهراڻ ٽائون ۾ مبينا مقابلو 2 ڦورو مارجي ويا، 2 اهلڪار زخمي، هفتي دوران اسٽريٽ ڪرائيم دوران هڪ اهلڪار ۽ 4 شهري مارجي چڪا آهن، پوليس ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام.