اهم خبرون

پاڪستان

December 21, 2022 4:11 pm

گورنر جي ڊڪليئريشن بعد پرويز الاهي وڏو وزير نه رهندو:گهرو وزير رانا ثناءُ الله

پنجاب ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آئيني بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو،گورنر بليغ الرحمان اسپيڪر سبطين خان جي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس نه گهرائڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان وڏي وزير پرويز الاهيءَ کي اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ تي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو آهي، گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته گورنر جي ڊڪليئريشن بعد پرويز الاهي وڏو وزير نه رهندو، گورنر وزيراعظم کي پنجاب ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي درخواست به ڪري سگهي ٿو پنجاب جي بيورو ڪريسي قانون تي عمل ڪري، عمران خان جون ليڪ ٿيل آڊيوز حقيقي آهن، عمران جي ليڪ ٿيل  آڊيوز جون وڊيوز به موجود آهن.

وڌيڪ پڙهو: