اهم خبرون

سنڌ

December 20, 2022 8:40 pm

آمريڪي وفد ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ لاءِ حيدرآباد پهتل آهي

آمريڪي وفد ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ لاءِ حيدرآباد پهتل آهي، آمريڪي ايلچي جيسي جيٽن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪري سنڌ، ملڪ ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

آمريڪي ٽيڪساس هائوس آف اسٽيٽ هيوسٽن جي نمائندي جيسي جيٽن پنهنجي گهرواري سميت وفد سان گڏ حيدر آباد پهچي، قومپرست اڳواڻن ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو ۽ رياض چانڊيو سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.

ملاقاتن دوران ڳالهائيندي امريڪي ايلچي جيسي جيٽن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجا مسئلا ۽ مشڪلاتون اسان کي ٻڌائي رهيا آهن، ٻوڏ ستايل ماڻهو پنهنجي معيشيت لاءِ فڪرمند آهن، معيشيت لاءِ تمام وڏا چئلينجز آهن انهن کي منهن ڏيڻ ڏکيو آهي.

هن چيو ته اسان جو دورو تمام گهڻو ڪارآمد ٿيندو، اسان سنڌين جي فيمليز سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون،

اميد آهي جيڪي به معاملا يا مسئلا آهن، انهن جو سٺي نموني جائزو وٺي حل ڪنداسين.

ان موقعي تي ڳالهائيندي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ۾ تازو آيل برساتن سبب وڏي تباهي آئي آهي، برسات متاثر بي يارو مددگار آهن، نه سندن ڪا رليف ۾ مدد ڪئي وئي، نه ئي وري بحالي لاءِ ڪجهه ڪيو پيو وڃي، عالمي جمهوريت پسند قوتن کي پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو ته امريڪا ۽ يورپ جي ترقي ۾ عورتن جو اھم ڪردار آهي، پاڪستان ۾ سموريون حڪومتون عورتن کي حق ڏيڻ ۾ ناڪام رھيون آهن، سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن عورتن جي حوالي سان حالت بدتر ٿيندي پئي وڃي.

جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته سنڌ جي موجود صورتحال امريڪي وفد جي سامھون رکي  آهي، امريڪا سنڌ طرف توجھه ڏئي، سنڌ ڪلائيميٽ چينج سبب ڀوڳي رھي آھي،  شاگردن کي امريڪا ۾ اسڪالرشپ ڏني وڃي، سنڌ جا ماڻھو پرامن آھن،  غربت جي لڪير کان ھيٺ واري زندگي گذاري رھيا آھن.

وڌيڪ پڙهو: