پاڪستان

December 15, 2022 5:44 pm

مقرر وقت کان پهريان بدلي اڻٽر هجي ته سبب لکت ۾ پيش ڪيا وڃن:سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ پوليس آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين بابت طئي ٿيل وقت تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پنجاب  ۽ ڪي پي ڪي جي پوليس آرڊر 2002 تي مڪمل طور عمل ڪرڻ جي هدايت، چئني صوبن کان 10 سالن دوران بدلي ڪيل آفيسرن جي فهرست طلب،  سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته مقرر وقت کان پهريان بدلي اڻٽر هجي ته سبب لکت ۾ پيش ڪيا وڃن، پوليس آفيسرن جو بدليون ايم پي ايز جي چوڻ تي نه ٿيڻ گهرجن، ڪنهن آفيسر کي سينيئر آفيسر جي صلاح مشوري کانسواءِ نه هٽايو وڃي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به ڇو نه ساڳئي فارمولا تي عمل  ڪيو وڃي، تاثر آهي ته حڪومتون پوليس کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪنديون آهن.

وڌيڪ پڙهو: