عمران خان ٻيهر وزيراعظم ٿيڻ لاءِ تڙپي رهيو آهي، ذهني بيمار شخص آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تي ڪوڙا الزام هڻي رهيو آهي، اسان جي قيادت جا ڪيس ميرٽ تي ختم ٿيا آهن، ڪيس سچا هيا ته عمران پنهنجي دور ۾ ثابت ڇو نه ڪيا؟؛ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جو هن وقت سڄو ڌيان ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ ۽ متاثرن کي بحال ڪرڻ تي آهي، ڪوڙو شخص ٻوڏ متاثرن جي نالي تي گڏ ڪيل فنڊ به ڳڙڪائي چڪو آهي، عمران جي ملڪ جي ڊيفالٽ ڪرڻ واري خواهش پوري نه ٿيندي.