چور عوام جو پيسو چوري ڪري پرڏيهه ڀڄي وڃن ٿا ۽ اربين رپين جي گهرن ۾ رهن ٿا،
حڪمران ٿي وري پرڏيهه ۾ وڃي ملڪ لاءِ پيسا گهرن ٿا؛
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا شريف خاندان ۽ آصف زرداري تي سنگين الزام، ڪوئيٽا ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پهرين مشرف ۽ هاڻي قمر جاويد باجوه چورن کي اين آر او ڏنو،
ملڪ امداد سان نه پر محنت ۽ انصاف سان ترقي ڪندو، مان شريف خاندان جهڙن چورن جيان ملڪ کان ٻاهر نه ڀڳو آهي، مان ملڪ کان ٻاهر ڀڄڻ وارن مان ناهيان.