پاڪستان تي الزام لڳائيندڙ ڀارت دهشتگرد تنظيمن جو مددگار نڪتو، پاڪستان ڀارت جا دهشتگردي ۾ ملوث هئڻ جو ثبوت عالمي برادري حوالي ڪري ڇڏيا، مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان اندر دهشتگردي ۾ ملوث هئڻ جا ثبوت موجود آهن، ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت گڏيل قومن کي به ڏنا آهن، ڀارتي ڪاررواين سان خطي جي امن کي نقصان ٿي رهيو آهي، اميد آهي ته عالمي برادري ڀارت جو احتساب ڪندي ۽ جواب وٺندي.