مالياتي خسارو آسمان تي پهچي چڪو آهي، معاشي پاليسين ۾ تسلسل نه هئڻ سبب ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ملڪ ۾ معيشت کي سياست کان الڳ ڪرڻو پوندو؛ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سبسڊي کي ٽارگيٽڊ ڪرڻ سان گڏ ايڪسپورٽ کي وڌائڻو پوندو، اسمگلرز ۽ هُنڊي مافيا معيشت ک يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، نيب جيڪري ڪير به ڪم ڪرڻ نه ٿو چاهي، گهڻن سرڪاري ادارن کي به خانگائڻو پوندو.