اهم خبرون

پاڪستان

December 14, 2022 5:52 pm

پي ٽي آءِ وارن قومي اسيمبلي تان استعيفائون به ڏنيون آهن ۽ پگهارون به کڻي رهيا آهن:عدالت

پي ٽي آءِ وارن قومي اسيمبلي تان استعيفائون به ڏنيون آهن ۽ پگهارون به کڻي رهيا آهن، ڇا هي پارلياماني جمهوريت آهي؟ عدالت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي چئن ڏينهن اندر استعيفائون منظور ڪرڻ جو حڪم ڏئي ته ڇا پي ٽي آءِ راضي ٿيندي؟ سپريم ڪورٽ جا نيب ترميمن خلاف ڪيس ۾ عمران خان جي وڪيل کان سوال، پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته کين استعيفائون منظور ڪرڻ تي اعتراض ناهي، سندن مطالبو ئي عام چونڊون آهن، جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ جو حق آهي ته اها اسيمبلي تان استعيفائون ڏئي، ڪنهن تڪ کي بنا نمائندي ۽ اسيمبلي کي خالي نٿو ڇڏي سگهجي.

وڌيڪ پڙهو: