اهم خبرون

پاڪستان

December 7, 2022 6:20 pm

اسد عمر توهين عدالت ڪيس ۾ معافي قبول ڪري ورتي

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ توهين عدالت ڪيس ۾ معافي قبول ڪري ورتي، عدليا مخالف تقرير تي اسد عمر توهين عدالت نوٽيس تي غير مشروط معافي گهري هئي، جسٽس جواد حسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته وڊيو بيان موجود آهي، هلائڻ نه ٿا چاهيون، عدالتن اوهان کي لانگ مارچ جي اجازت ڏني، اوهان انهن کي ئي نشانو بڻايو، اسد عمر استدعا ڪئي ته منهنجو مقصد عدالتن يا ججن کي نشانو بڻائڻ نه هو، بيان سان جيڪڏهن ڪا لائن پار ٿي آهي ته معافي گهران ٿو.

وڌيڪ پڙهو: