سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي ملاقات، سياسي ۽ معاشي صورتحال سميت صوبي جي ترقي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ، ٻنهي اڳواڻن پاران ڪراچي کي هڪ ڀيرو روشنين جو شهر بڻائڻ جو عزم ، ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته صوبي جي ترقي لاءِ گڏيل ڪوششن جو نظريو سٺو سنوڻ آهي.