پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري پاران سنڌ واسين کي ايڪتا عيد جون واڌايون، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت سنڌو ماٿري ۽ اسلامي تهذيب جو اهڃاڻ آهي،
موهن جو دڙو سنڌي ثقافت جي ماءُ آهي، اجرڪ، سنڌي ٽوپي، رلي، لوڪ ادب ۽ موسيقي منفرد سڃاڻپ رکي ٿي،
آصف زرداري چيو آهي ته باشعور ۽ مهذب قومون پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ ٻولي ڪڏهن به ناهن وسارينديون، سنڌي قوم ڌرتي جي حفاظت ڪندڙ هيروز کي هميشه ياد رکيو آهي.