اهم خبرون

پاڪستان

December 2, 2022 7:58 pm

ڪابل ۾ پاڪستان جي سفارتي اهلڪارن تي فائرنگ جو واقعو

افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتي اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي وئي آهي.

فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪستاني ناظم الامور جو گارڊ زخمي ٿي پيو، کيس سيني ۾ 3 گوليون لڳيون، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

سفارتي ذريعن موجب فائرنگ ان وقت ٿي جڏهن ناظم واڪ ڪري رهيو هو.

سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ناظم الامور ۽ ٻين عملدارن کي عارضي طور تي پاڪستان واپس گهرايو پيو وڃي.

وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪئي آهي.

هن چيو ته هو بهادر سيڪيورٽي گارڊ کي سلام پيش ڪري ٿو، جنهن سفارتي عملي جي جان بچائڻ لاءِ گوليون هڻي شهيد ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف حملي جي فوري جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

وڌيڪ پڙهو: