پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ بي اعتمادي آڻينداسين.
خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي آصف زرداري چيو ته جيڪڏهن خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب اسيمبليون ٽوڙيون ۽ چونڊون ٿيون ته پاڪستان پيپلز پارٽي به چونڊن ۾ حصو وٺندي.
آصف زرداري چيو ته پهرين چونڊون اسان جي حق ۾ آهن جمهوريت جي حق ۾ نه آهن، جيڪڏهن اسيمبليون نه ٽوڙيون ته مخالفت ڪندا رهنداسين.