سنڌ حڪومت پروين رحمان قتل ڪيس جي جوابدارن کي آزاد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ حڪومت ايم پي او تحت جوابدارن کي 3 مهينن لاءِ نظربند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
صوبائي حڪومت جو چوڻ آهي ته پروين رحمان جي ڀيڻ ۽ گهرواري کي جوابدارن کان موت جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، ايم پي او رولز 1960 تحت جوابدار کي 3 مهينن لاءِ نظربند ڪيو ويندو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ پروين رحمان قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو، جوابدارن ۾ امجد حسين، اياز علي، احمد علي، محمد رحيم ۽ عمران سواتي کي آزاد نه ڪيو ويندو.