top_news

رانديون

December 1, 2022 7:31 pm

انگلينڊ پنڊي ٽيسٽ ۾ 112 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

پاڪستان خلاف پنڊي ٽيسٽ ۾ انگلينڊ هن ڊگهي فارميٽ جو 112 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

انگلينڊ جي ٽيم ڪنهن به ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.

پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم راولپنڊي ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن انگلينڊ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 506 رنسون ٺاهي ورتيون.

واضح رهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ڪنهن ٽيم طرفان ميچ جي پهرين ڏينهن تي اهو سڀ کان وڏو اسڪور آهي.

ان کان اڳ ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن سڀ کان وڌيڪ رنسون اسڪور ڪرڻ جو رڪارڊ آسٽريليا وٽ هو.

1910ع ۾ سڊني ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن ڪينگروز 496 رنسون ٺاهيون هيون.

وڌيڪ پڙهو: