پاڪستان

November 27, 2022 5:28 pm

گمراهه ڪندڙ انگ اکر فرضي بنيادن تي وڌائي پيش ڪيا ويا:آءِ ايس پي آر

پاڪ فوج، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ سندس ڪٽنب جـَي اثاثن بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو،

آءِ ايس پي آر چيو آهي ته گمراهه ڪندڙ انگ اکر فرضي بنيادن تي وڌائي پيش ڪيا ويا،

هڪ گروپ بدديانتي سان رشتيدار جي اثاثن کي جنرل قمر جاويد باجوا ۽ سندس ڪٽنب جـَي اثاثن سان منسوب ڪيو،

غلط تاثر ڏنو پيو وڃي ته اهي اثاثا جنرل باجوا 6 سالن ۾ پنهنجي رشتيدار سان گڏجي ٺاهيا، اهو سڀ قطعي ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي،

جنرل قمر جاويد باجوا ۽ سندس ڪٽنب جا اثاثا ايف بي آر ۾ ڊڪليئرڊ آهي، آرمي چيف ۽ سندس ڪٽنب باقاعده سان ٽيڪس ڀريندو آهي،

هر شهري جيان آرمي چيف ۽ سندس ڪٽنب به اثاثن بابت جوابده آهن.

وڌيڪ پڙهو: