اهم خبرون

پاڪستان

November 27, 2022 5:20 pm

حيران آهيان ته اسان ڪيترو تيزي سان فاشسٽ رياست طرف وڌي رهيا آهيون:عمران خان

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اعظم سواتي جي گرفتاريءَ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حيران آهيان ته اسان ڪيترو تيزي سان فاشسٽ رياست طرف وڌي رهيا آهيون،

تشدد ۽ بليڪ ميلنگ جي وڊيو موڪلڻ کانپوءِ اعظم سواتي جي تڪليف ڪيئن نٿي سمجهي سگهجي؟ ناانصافي تي اعظم سواتي جي ڪاوڙ ۽ مايوسي جائز آهي،

ٽوئٽ ڪندي عمران خان چيو ته سينيٽر پاران 15 ڏينهن تائين احتجاج باوجود اعظم سواتي لاءِ سپريم ڪورٽ جا در بند آهن، رياستي فاشزم خلاف سڀني کي آواز اٿارڻو پوندو.

وڌيڪ پڙهو: