اهم خبرون

پاڪستان

November 27, 2022 5:17 pm

تڪراري ٽوئيٽس تان ٻيهر گرفتار ڪيل اعظم سواتي کي اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش

تڪراري ٽوئيٽس تان ٻيهر گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي کي اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش،

عدالت  8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ واري استدعا رد ڪندي اعظم سواتي کي ٻن ڏينهن لاءِ ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو،

ايف آءِ اي پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيڻ بعد اعظم سواتي کي چڪ شهزاد واري فارم هائوس تي ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو هو،

اعظم سواتي جي عدالت ۾ پيشيءَ جي موقعي تي شاهه محمود قريشي ۽ ٻيا اڳواڻ عدالت پهتل،

ايف آءِ اي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي خط لکي اعظم سواتي جي گرفتاري کان آگاهه ڪري ڇڏيو.

وڌيڪ پڙهو: