دادو جي عدالت ميهڙ ۾ ام رباب جـَي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ 5 سالن کانپوءِ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو،
فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج پيپلزپارٽي ايم پي اي سردار خان چانڊيو، برهان چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو، جوابدارن پاران ڏوهه باسڻ کان انڪار،
عدالت شاهدن کي نوٽيس جاري ڪندي 3 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو، ام رباب چانڊيو چيو آهي ته جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد انصاف ٿيندي نظر اچي رهيو آهي،سرخرو اهو ئي ٿيندو آهي،
جيڪو حق ۽ سچ تي هوندو آهي، سردار چان چانڊيو چيو آهي ته سندن خلاف ڪيس سياسي آهن،
اڳ به چيو هو ته بيگناهه آهيون، هاڻي به پنهنجي موقف تي قائم آهيون.