سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول 3 ڊسمبر تائين جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن کي مڪاني چونـڊن بابت ٻن مهينن اندر سمورا قدم کڻڻ جو حڪم، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير خلاف درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن 15 ڏينهن اندر شيدول جاري ڪري، مڪاني چونڊن جي تاريخ ٻن مهينن جي اندر هئڻ گهرجي، سنڌ حڪومت سڪيورٽي سميت سموريون سهولتون فراهم ڪري، سڪيورٽي نه هئڻ جي بنياد تي مڪاني چونڊون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي نٿيون ڪري سگهجن.