پاڪستان

November 17, 2022 5:13 pm

ڪنهن کي به حق ناهي ته ڌرڻا هڻي موٽروي بند ڪري:چيف جسٽس عامر فاروق

ڪنهن کي به حق ناهي ته ڌرڻا هڻي موٽروي بند ڪري، جلسو ڪرڻ حق آهي پر عام شهرين جا حق متاثر نه ٿيڻ گهرجن،عدالتي فيصلو موجود آهي ته سمورا جلسا پريڊ گرائونڊ ۾ ٿيڻ گهرجن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جا پي ٽي آءِ جي ڌرڻي سبب رستن جي بندش خلاف واپارين جي درخواست تي رمارڪس، واپارين جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته رستن تي ڪنٽينر رکيا ويا آهن، جنهن سبب پريشاني ٿي رهي آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هاءِ ويز ۽ موٽرويز تي فيڊريشن جو ڪنٽرول آهي، وفاقي حڪومت ان حوالي سان واضح هدايتون ڏئي سگهي ٿي.

وڌيڪ پڙهو: