اهم خبرون

پاڪستان

November 17, 2022 5:10 pm

احتجاج جو حق لامحدود ناهي، آئيني حدن سان مشروط آهي:چيف جسٽس عمر عطا بنديال

سـُپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ روڪڻ بابت فوري طور حڪم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي درخواست غير موثر قرار ڏئي اڪلائي ڇڏي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته في الحال حڪمنامو جاري ڪرڻ جي ضرورت ناهي، صورتحال خراب ٿي ته نئين درخواست داخل ڪري سگهجي ٿي،احتجاج جو حق لامحدود ناهي، آئيني حدن سان مشروط آهي، جسٽس اطهر من الله رمارڪس ۾ چيو ته  ڇا انتظاميه ايتري ڪمزور آهي جو لانگ مارچ ڪنٽرول نٿي ڪري سگهي؟ هي ايگزيڪيوٽو جو مامرو آهي، ان سان ئي رابطو ڪري سگهجي ٿو، عدالت غير معمولي صورتحال ۾ ئي مداخلت ڪري سگهي ٿي.

وڌيڪ پڙهو: