پاڪستان

November 16, 2022 6:54 pm

عمران خان جي لانگ مارچ پٺيان پرڏيهي فنڊنگ آهي:مولانا فضل الرحمان

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان الزام هنيو آهي ته عمران خان جي لانگ مارچ پٺيان پرڏيهي فنڊنگ آهي، سعودي ولي عهد جو پاڪستان جو دورو ملتوي ڪرڻ لاءِ لانگ مارچ جو ڊرامو ڪيو ويو، لانگ مارچ پٺيان لڪيل سازش تان پردو وائکو ڪرڻ ملڪي مفادن جي گهرج آهي، جاري ڪيل بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته هڪ ملڪ نٿو چاهي ته شهزادو محمد بن سلمان پاڪستان جو دورو ڪري، ان ڪري لانگ مارچ کي فنڊنگ ڪئي وئي، عمران خان آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بڻايو، جيئن آمريڪا جو مستقبل ناهي، ائين عمران خان جو به ڪو مستقبل ناهي، مصلحت خاطر في الحال عمران خان خلاف ڪارروائي جي ضرورت ناهي، سائفر ۽ سازش جي بيانئي تان پوئتي هٽڻ به ان سلسلي جي ڪـَڙي آهي.

وڌيڪ پڙهو: