اهم خبرون

پاڪستان

November 16, 2022 6:52 pm

عمران خان عدالتي حڪمن جي مبينا ڀڃڪڙي جو ملبو اسد عمر تي ڪيرائي ڇڏيو

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان 25 مئي تي لانگ مارچ دوران عدالتي حڪمن جي مبينا ڀڃڪڙي جو ملبو اسد عمر تي ڪيرائي ڇڏيو،

سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان لکت ۾ جواب جمع ڪرائيندي سڪيورٽي ادارن جي رپورٽ غلط قرار ڏنو، عمران خان پنهنجي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ختم ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ته کيس 25 مئي بابت عدالتي حڪمن جي ڄاڻ نه هئي، ڄاڻي واڻي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي نه ڪئي،25 مئي تي حڪومتي رويي خلاف ڊي چوڪ پهچڻ جو پر امن سڏ ڏنو، ڄاڻ ملي آهي ته اسد عمر جي نائن گرائونڊ جي حوالي سان هدايتون ڏنيون، پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ به عدالت ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو ته هن اسد عمر جي هدايتن تي سپريم ڪورٽ کي خاطري ڪرائي، ان ڪري سندس نالو توهين عدالت ڪيس مان خارج ڪيو وڃي.

وڌيڪ پڙهو: