سپريم ڪورٽ عمران خان ۽ ٻين خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي اسٽي آرڊر خلاف اپيلون ٻڌڻ لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن مختلف هاءِ ڪورٽس ۾ التوا ۾ پيل ڪيسز کي هڪ ئي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي.
عدالت ڄاڻايو ته اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته مڪاني ۽ عام چونڊن جي تياري ڪريون يا ڪيسز وڙهون.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن آرٽيڪل 186 اَي تي ڀاڙي رهي آهي، ڇا سپريم ڪورٽ ۾ مختلف هاءِ ڪورٽس جا ڪيسز گڏائي فيصلو ڪرڻ جو ڪو مثال موجود آهي؟
جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ ئي حج معاون ڪيس ۾ سمورين هاءِ ڪورٽس جا ڪيسر گڏ ٻڌا هئا.