پاڪستان

November 15, 2022 6:38 pm

اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته عام چونڊن يا مڪاني چونڊن جي تياري ڪيون يا ڪيس وڙهون:چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت عمران خان ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي اليڪشن ڪميشن جون اسٽي آرڊر خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته عام چونڊن يا مڪاني چونڊن جي تياري ڪيون يا ڪيس وڙهون، اي سي پي پاران مختلف هاءِ ڪورٽس ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن کي هڪ ئي عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي به استدعا.

وڌيڪ پڙهو: