اهم خبرون

سنڌ

November 15, 2022 4:03 pm

سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو واري مڪاني چونڊون 90 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊون وري ملتوي ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو واري مڪاني چونڊون 90 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي، تحريڪ انصاف پاران مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي مخالفت،  اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ اندر مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ واري معاملي تي ٻڌڻي،  چيف اليڪشن ڪمشنر رمارڪس  ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مڪاني چونڊن ۾ سنڌ حڪومت سيڪورٽي فراهم ڪري نٿي سگهي ته اسان پنجاب کان نفري طلب ڪري وٺون ٿا، مڪاني چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، سنڌ حڪومت قانون ذريعي اليڪشن ڪميشن جا اختيار نٿي گهٽائي سگهي، مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت پهرين مرحلي ۾ شيدول موجب چونڊ ڪرائي، ٻوڏ صورتحال سبب ٻي مرحلي جون چونڊون ملتوي ڪيون، سنڌ ڪابينا جي فيصلي تحت 90 ڏينهن لاءِ چونڊ ملتوي ڪئي وڃي.

وڌيڪ پڙهو: