سنڌ ۾ 4 هزار 529 هزار استادن جي ڊيوٽين تان غائب هئڻ جو انڪشاف، 10 سالن کان هزارين اسڪول بند هئڻ جو اعتراف، 6 هزار 407 اسڪولن کي ڇت ئي ناهي؛ اسڪول ايجوڪيشن واري سيڪريٽري صوبي ۾ تعليمي صورتحال بابت رپورٽ سنڌ هائيڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي، اڪبر لغاري پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بنا ڇت وارن اسڪولن ۾ استاد وڃڻ لاءِ تيار ناهن، 622 اسڪول تعمير هيٺ آهن، رهيل اسڪول ايندڙ 5 سالن ۾ تعمير ڪيا ويندا، عدالت رپورٽ کي ڪارروائي جو حصو بڻائيندي حڪومت کان ايڪشن پلان طلب ڪري ورتو، عدالت پاران ٻارن کي تعليم ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ سهولتون ڏيڻ جو حڪم.