عدليا، ايگزيڪٽيو جا اختيار استعمال نٿي ڪري سگهي، رڳو ايگزيڪٽيو کي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ چئي سگهي ٿي؛ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جا نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، چيف جسٽس چيو ته سوموٽو جو اختيار احتياط سان استعمال ڪرڻو پوندو آهي، جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته نيب ترميمن سان ڪيترين ئي شقن کي ڪڍيو ويو آهي، وزير اعظم کي ملڪ هلائڻ نه اچي ته ڇا عدليا کي ملڪ هلائڻو پوندو؟،ايگزيڪٽيو جي ناڪامي تي ڇا عدليا سپر رول ادا ڪري سگهي ٿي؟، سڀ ڪجهه عدليا کي ڪرڻو آهي ته ڇا ايگزيڪٽيو جا اختيار اورانگهيا نه ويندا؟.