پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ملاقات، آءِ جي پنجاب جي سپريم ڪورٽ ۾ ڏنل بيان ۽ عدالت جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ واري حڪم بعد پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهيون، عمران خان جي ايف آءِ آر واري معاملي تي پارٽي اڳواڻن سان به مشاورت، ق ليگ ايم اين اي مونس الاهي وضاحت ڪندي چيو آهي ته پوليس کي پنهنجي مرضي موجب اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪيو هو.