پاڪستان

November 6, 2022 4:10 pm

پنهنجي حڪومت ۾ چار ڏينهن گذرڻ باوجود ايف آءِ آر ڪٽرائي ڇو نٿا سگهن:مريم اورنگزيب

وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان مرضيءَ جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪوڙ تي ٻڌل پريس ٽاڪ ڪري سگهن ٿا ته پر پنهنجي حڪومت ۾ چار ڏينهن گذرڻ باوجود ايف آءِ آر ڪٽرائي ڇو نٿا سگهن، پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي پنهنجي حڪومت، پنهنجي پوليس ۽ پنهنجي انتظاميا آهي، جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته فارن فنڊڊ فتنو پنجاب ۾ طاقتور جو قانون ۽ ڪوڙي ايف آءِ  آر ڪٽرائڻ گهري ٿو، حقيقي آزادي ڏيارڻ وارو فارن فنڊڊ فتنو چار ڏينهن گذرڻ باوجود  ايف آءِ آر ڪٽرائي نه سگهيو.

وڌيڪ پڙهو: