top_news

اهم خبرون

پاڪستان

November 6, 2022 4:07 pm

عمران خان اڱاري کان ٻيهر لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڱاري کان ٻيهر لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،  لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته لانگ مارچ وزير آباد کان ئي نڪرندو، راولپنڊي پهچڻ تي مان مارچ جي قيادت ڪندس، اتان اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪنداسين، عمران خان، پاڻ مٿان ٿيل حملي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي آجيان ڪندي چيو ته عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي آجيان ڪيان ٿو، ٽن ماڻهن جي استعيفيٰ تائين شفاف جاچ نٿي ٿي سگهي،  مرضيءَ موجب ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ منهنجو حق آهي، اڳوڻو وزيراعظم هوندي ڪيس داخل نٿو ڪرائي سگهان ته عام ماڻهوءَ کي ڪيئن انصاف ملندو، خبر آهي ته ارشد شريف کي ڪنهن قتل ڪيو، اعظم سواتي جي مبينا وڊيو واري معاملي تي سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻي جو به اعلان.

وڌيڪ پڙهو: