سنڌ

November 5, 2022 2:39 pm

لاڙڪاڻي ۾ پوليس موبائل ۾ راشن کڻي وڃڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي

لاڙڪاڻي ۾ پوليس موبائل ۾ راشن کڻي وڃڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، پوليس موبائل ۾ راشن جون ٻوريون نظر اچي رهيون آهن.

سوشل ميڊيا تي وائل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته لاڙڪاڻي پوليس جي گاڏي ايس پي ايِ 940 ۾ ڊرائيور راشن کڻي وڃي رهيو آهي.

ويڊيو ۾ لاڙڪاڻو پوليس موبائل ۾ راشن جون ٻوريون نظر اچي رهيون آهن.

پوليس موبائيل جو ڊرائيور راشن کڻي ايئرپورٽ روڊ کان ايس ايس پي چوڪ تائين پهچي ٿو

هوڏانهن سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ اختيارين کي فوري طور نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ معاملي جي جاچ ڪئي وڃي.

وڌيڪ پڙهو: