پاڪستان

November 5, 2022 2:34 pm

ڪراچي کان ننڪانا ويندڙ سک ياترين جي ٽرين  جون 10 کان وڌيڪ بوگيون  شورڪوٽ ريلوي اسٽيشن ويجهو پٽڙي تان لهي ويون

ڪراچي کان ننڪانا ويندڙ سک ياترين جي ٽرين  جون 10 کان وڌيڪ بوگيون  شورڪوٽ ريلوي اسٽيشن ويجهو پٽڙي تان لهي ويون، ٽرين ۾ موجود هزار کان وڌيڪ مسافر محفوظ رهيا.

بابا گرو نانڪ جي جنم ڏينهن  جون تقريبون 6 نومبر کان ننڪانا صاحب ۾ شروع ٿي رهيون آهن، جن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ  ڪراچي کان اسپيشل ٽرين هلائي وئي آهي.

اطلاعن مطابق  ٽرين جون ڏهه بوگيون شورڪوٽ ريلوي  اسٽيشن ويجهو پٽڙي تان لهي ويون.

ريلوي کاتي  حادثي جي تصديق ڪندي چيو ته سکن لاءِ ڪراچي  کان ننڪانا صاحب ايندڙ اسپيشل ٽرين جون نو بوگيون شورڪوٽ ۽ پير محل اسٽيشن جي وچ ۾ صبح جو  پٽڙي تان لٿيون،جنهن تي ترت امداد ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن.

ريلوي کاتي مطابق  ڪجهه مسافرن کي ٻئي ٽرين ۾ موڪليو ويو، جڏهن ته ٻين جو به بندوبست ڪيو پيو وڃي.

وڌيڪ پڙهو: