سنڌ

November 5, 2022 2:28 pm

نيو سعيد پوليس گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ اڳوڻ مخدم فضل حسين ۽ سندس پٽ مخدوم محسن کي کي اڄ عدالت ۾ پيش

نيو سعيد پوليس گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ اڳوڻ مخدم فضل حسين ۽ سندس پٽ مخدوم محسن کي کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدارن کي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، هالا پوليس مخدم فضل حسين ۽ سندس پٽ سميت 30 ڄڻن  تي  هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

نيو سعيد آباد پوليس گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل مخدوم فضل، مخدوم محسن ۽ مخدوم عمار ٻين کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

پوليس عدالت کي جوابدارن جو جسماني رمانڊ ڏيڻ  جي استدعا ڪئي جنهن تي عدالت جوابدارن کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

هالا ٿاڻي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ھالا ھائوس جي سربراھه مخدوم فضل حسين، مخدوم محسن، مخدوم عمار، گلشير ساريو، نواز کماڻ، علي احمد انصاري سميت 30 کان وڌيڪ ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

نيوسعيدآباد ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر قلندڙ بخش جي فرياد تي سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾  ڊيوٽي اٽڪاءَ، پوليس سان جھيڙو ڪرڻ ۽ جوابدارن کي فرار ڪرائڻ جي ڪوشش جا قلم هنيا ويا آهن.

گذريل ڏينهن مارک واھه ذريعي برسات متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ دوران مخدوم فضل جي شاخ بند ڪرڻ تان ڇڪتاڻ بعد پوليس مخدوم فضل ۽ ٻين کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو هو.

 

وڌيڪ پڙهو: