پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪارڪنن عمران خان جي قتل خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، مظاهرين گورنر هائوس لاهور ٻاهران لڳل سڪيورٽي ڪيمرائن ۽ فانوس ٽوڙي ڇڏيا.
لاهور ۾ مظاهرين ٽائرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جڏهن ته گورنر هائوس ٻاهران مظاهرين ڀڃ ڊاهه ڪئي.
ٻئي طرف فيض آباد ۾ پي ٽي آءِ جي ناراض ڪارڪنن پوليس تي پٿراءُ ڪيو.
فيض آباد ۾ مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ وفاقي پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي، اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.
فيض آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس ۽ ايف سي تي پٿراءُ ڪيو.