اهم خبرون

پاڪستان

November 2, 2022 4:27 pm

سپريم ڪورٽ 25 مئي تي پيش آيل واقعن تي عمران خان کان وضاحت گهري ورتي

سپريم ڪورٽ 25 مئي تي پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ دوران پيش آيل واقعن تي عمران خان کان وضاحت گهري ورتي، عدالت چيو آهي ته پي ٽي آءِ 25 مئي تي عدالتي حڪم جو غلط استعمال ڪيو، عدالت وٽ موجود مواد موجب عمران خان کي توهين عدالت جو نوٽيس ٿيڻ گهرجي پر پوءِ به عمران خان کي وضاحت جو موقعو ڏئي رهيا آهيون، چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته وڪيلن جو عمران خان سان رابطو نه ٿيو ته پوءِ خاطري ڪنهن پاران ڪرائي وئي هئي؟، 10 هزار ماڻهو گهرائي 2 لک ماڻهن جي زندگي زهر نه ٿي بڻائي سگهجي، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا عدالت پي ٽي آءِ قيادت ۽ ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪيو هو.

وڌيڪ پڙهو: