پاڪستان

November 1, 2022 5:38 pm

بحران مان نڪرڻ جو  واحد حل اليڪشن آهي:اسد عمر

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر سگهارين ڌرين کان اليڪشن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اسد عمر چيو آهي ته حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، بحران مان نڪرڻ جو  واحد حل اليڪشن آهي، سگهاريون ڌريون اليڪشن ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن، ملڪ جا فيصلا آمريڪا يا لنڊن ۾ نه ٿا ٿي سگهن، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ماضيءَ ۾ فوج تي تنقيد ڪندڙ هاڻي ڪهڙي منهن سان اسان تي الزام هڻي رهيا آهن، فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪشن جي اعلان بعد ئي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.

وڌيڪ پڙهو: