اهم خبرون

پاڪستان

November 1, 2022 5:29 pm

آصف زرداري، نوازشريف ۽ پي ڊي ايم سربراهه وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو

اڳوڻي صدر آصف زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو، حڪومتي مدت پوري ڪرڻ ۽ مقرر وقت تي اليڪشن ڪرائڻ تي اتفاق، آرمي چيف جي مقرري به آئيني طريقي سان ڪرڻ جو فيصلو، پي ٽي آءِ  جي لانگ مارچ کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي اتفاق، آصف زرداري چيو آهي ته اسان کي ڌاڙيل سڏيندڙ سرٽيفائيڊ چور ثابت ٿي ويو آهي، فتني مان جان آجي ڪرائڻ ضروري آهي، نوازشريف چيو آهي ته فتني کي روڪڻ لاءِ وزيراعظم ۽ گهرو وزير کي هدايت ڪري ڇڏي آهي، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته تصديق ٿيل چور ملڪ ۾ فساد چاهي ٿو، کيس هر قيمت تي روڪيو ويندو.

وڌيڪ پڙهو: