اهم خبرون

سنڌ

October 29, 2022 7:20 pm

سنڌي ميڊيا جي مُک ادارن هن سال ايڪتا ڏهاڙو 4 ڊسمبر آچر ڏينهن ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي طور سادگي سان ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌي ميڊيا جي مُک ادارن هن سال ايڪتا ڏهاڙو 4 ڊسمبر آچر ڏينهن ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي طور سادگي سان ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،

سنڌ ۾ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل قيامت خيز صورتحال، اتر ۽ لاڙ سميت سموري سنڌ ۾ آيل خوفناڪ تباهين کي نظر ۾ رکندي سنڌي ميڊيا جي مُک ٽي وي چينلز ايڪتا ڏهاڙو سادگي سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو،

مهراڻ ٽي وي جَي سي اِي او غلام نبي مورائي جي رهائشگاهه تي سنڌي ميڊيا جي مُک ادارن جي  سربراهن جي گڏجاڻي، ڪي ٽي اين نيوز جي سي اِي او محمد اطهر قاضي، سنڌ ٽي وي نيوز جي سي اِي او اجيت ڪمار آهوجا، مهراڻ ٽي وي جي سي اِي او غلام نبي مورائي، ڌرتي ٽي وي جي، ايم ڊي  ظهير ميراڻي ۽ آواز ٽي وي جَي سي اِي او فيض بروهي جي شرڪت، هر سال جيان هن ڀيري به ايڪتا ڏهاڙي جي مُک تقريب ڪراچي پريس ڪلب آڏو منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

وڌيڪ پڙهو: