وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ بابت ڪابينا جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، گهرو وزير رانا ثناءُ الله جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل ڪميٽي ۾ اياز صادق، خواجه سعد رفيق، قمر زمان ڪائره، خالد مقبول صديقي، ميان افتخار، مولانا اسعد محمود ۽ مريم اورنگزيب شامل، ذريعن موجب امن امان قائم ڪرڻ ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، شهباز شريف چيو آهي ته اسان جمهوري ماڻهو آهيون، ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين.