اهم خبرون

پاڪستان

October 27, 2022 5:57 pm

ارشد شريف کي پاڪستان ۾ ڪو به خطرو نه هو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

ارشد شريف کي پاڪستان ۾ ڪو به خطرو نه هو، کيس ٻاهر موڪليندڙ سلمان اقبال کي ڏيهه آڻي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي؛  ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار چيو آهي ته شهباز گل جي گرفتاريءَ بعد ارشد شريف کي ٻاهر موڪليو ويو، ارشد شريف جي قتل تي ڪوڙو بيانيو جوڙي اداري کي بدنام ڪيو پيو وڃي، اسان کان غلطي ٿي سگهي پر اسان سازشي، غدار ۽ قاتل نه ٿا ٿي سگهون، ارشد شريف کي ٿريٽ الرٽ ڪي پي حڪومت پاران ڏنو ويو، پرڏيهه وڃڻ ۾ به ڪي پي جي وڏي وزير جي عملي ارشد شريف جي مدد ڪئي، يو اي اي ۾ ارشد شريف ڪنهن وٽ ترسيل هو، کيس ڪينيا ڪنهن موڪليو شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي.

وڌيڪ پڙهو: